ڪراچي – 11 – ??يپ??مبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن ۾ هارائي وڃي ان تي ڌانڌلي جو گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ وڏي اڪثريت ??ان ڪاميابي حاصل ڪندي، وزيراعظم جي هدايت تي عمر شريف جي عيادت جي لاءِ آيا آهيون، عمر شريف اسٽيج جو بادشاهه آهي ۽ قوم جو اثاثو آهي، حڪومت عمر شريف جي علاج جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سدان گڏ آغا خان اسپتال ۾ ناليواري ڪاميڊين عمر شريف جي عيادت کانپوءِ صحافين ??ان ڳالهائيندي هن چيو ته عمر شريف اسٽيج جو بادشاهه ۽ قوم جو اثاثو آهي، حڪومت سندس علاج جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته صح?? واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ??ان عمر شريف جي علاج جي حوالي ??ان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڊاڪٽرن جو بورڊ جيڪو فيصلو ڪندو، حڪومت ان ۾ تعاون ڪندي، کيس اطمينان بخش علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته عمر شريف جي علاج بابت فيصلو ڊاڪٽرن کي ڪرڻو آهي، ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت ??ان ڪاميابي حاصل ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن اليڪشن ۾ هارائي وڃي ان تي ??هي ڌانڌلي جو گوڙ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي خلاف سڀ کان پهرين مظاهرو پي ايم ايل اين ڪيو هو، شاهد خاقان عباسي جون تقريرون کڻي ڏسو، ??هي هڪ ڏينهن هڪڙي ڳالهه ڪن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن سندن موقف ڪجهه ٻيو هوندو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو بنيادي طور تي ڪم پنهنجي غيرسياسي حيثيت کي بحال ر??ڻ آهي، جيڪڏهن ??هي پنهنجي حيثيت وڃائي ويهن ته انهن کي هلي وڃڻ گهرجي، 22 ڪروڙ جي آبادي آهي، ا??ان اليڪشن ڪرائي سگهون ٿا.