اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پ?? پي) بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ظهور احمد آغا کي بلوچستان جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته بلوچستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ڪنهن بلوچستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. پي ٽي آءِ جي حڪومت بلوچستان کي سڀني کان وڏو ترقياتي پ??ڪيج ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عم??ان خان پا??ان اعلان ڪي?? بلوچستان پيڪيج سان خطي جي 70 سالن جي محرومين جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته سي پ??ڪ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو بلوچستان کي ٿيندو، بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبا حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندا، انهن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته بلوچستان کي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر آندو ويندو. هن چيو ته بلوچستان ۾ ترقي لاءِ ام?? ضروري آهي، ام??د آهي ته بلوچستان جو گورنر ام?? امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي بلوچستان جي گورنر چيو ته وفاقي حڪومت پا??ان بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪرڻ جون ڪوشش واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته هو وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي وچ ۾ بهتر رابطن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر رابطن جو فائدو بلوچستان جي عوام کي ٿيندو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.