مهمند – 19 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان مهمند ڊيم جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي جاري ڪم جو جائزو ورتو، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جرل (ر) مزمل حسين منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان وزيرا??ظم کي بريفنگ ڏني. مهمند ڊيم جو سنگ بنياد وزيرا??ظم عمران خان 2 مئي 2019ع ۾ رکيو هو، مهمند ڊيم د??يا??ُ سوات تي قبائلي ضلعي مهمند ۾ تعمير ڪيو پيو وڃي، اهو گهڻ مقصد منصوبو ٻوڏ جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ، زراعت ۽ شهري ضرورتن لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ، سستي ۽ ماحول دوست بجلي پ??دا ڪرڻ جي صلاحيت رکندو. ٽي سئو نو ارب کان وڌيڪ (309.6) ارب روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ مهمند ڊيم جي اونچائي 213 ميٽر هوندي جنهن ۾ 1.293 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي ۽ 800 ميگاواٽ بجلي پ??دا ٿيندي.