اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ سينيٽر شبلي فراز قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان م??اقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم پاران چونڊ سڌارن لاءِ لکيل خط تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان م??قعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڳالهائيندي چيو ته آئيني ۽ چونڊ سڌار?? وقت جي اهم ضرورت آهن. پارلياماني ڪميٽي جي جوڙجڪ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻن سان مشاو??ت ڪئي ويندي. سينيٽ چونڊن ۾ ٿيل واقعن سان م??ڪي سياست کي نقصان پهتو آهي.