اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ??هي ته ايندڙ ڪجهه مهينن تائين گئس جي قيمت ۾ اضافو نه ڪيو وڃي، ڪڻڪ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ح??ومتي ۽ نجي شعبي پ??ران مستقبل ۾ ڪڻڪ جي درآمد جا فيصلا وقت تي ڪيا وڃن، جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ 7 ارب روپين جي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽي، کنڊ ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر?? سيد فخر امام، عمر ايوب، اسد عمر، خاص مددگار نعيم بابر، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، ناڻي وارو اڳوڻو وزير شوڪت ترين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين خاص طور تي اٽ?? جي قيمت ۾ استحڪام، کن?? جي موجوده قيمتن ۾ گهٽتائي ??ڻڻ جي حوالي سان قدمن، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم حڪومتي معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ??ه حڪومت پاران ٽارگيٽيڊ سبسڊي اسڪيم متعارف ٿيڻ تائين اٽ?? جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم عمران خان چيو ته غريب ماڻهن کي اٽ?? جي حوالي سان سڌو سنئون سبسڊ?? جي فراهمي لاءِ مفصل پروگرام متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن جي ڪري اٽ?? جي خريدار?? جي حوالي سان معاشر?? جي ڪمزور طبقن کي ح??ومت پاران سڌو سنئون سبسڊي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومتي سبسڊي جو مقصد معاشر?? جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد آهي ته جيئن ان تي مهانگائي ??و بار ممڪن حد تائين گهٽ ڪري سگهجي.