ڪراچي – 15 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت عورتن کي ??اا??تيار بڻائڻ ، انهن جي لاءِ ڪم جي حالتن کي سازگار بڻائڻ، هراسمينٽ کان تحفظ ۽ معاشري ۾ ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل جي لاءِ عورتن کي ??اا??تيار بڻائڻ اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عورتن کي ??اا??تيار بڻائڻ جي مناسبت سان ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين عورتن کي انهن جي برابر بنيادي حقن جي ضمانت ڏي ٿو ۽ موجوده حڪومت زندگي جي هر شعبي ۾ انهن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ثمينه علوي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي ۽ معاشري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، هن چيو ته عورتن کي ??اا??تيار بڻائڻ معاشري جي گڏيل ذميداري آهي، ان ڏس ۾ هر ماڻه?? کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن عورتن جي لاءِ ڪم واري ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.