ڪريم ڏنو راهمون
ڪمائڻ جي جستجو هُجي ته سهُولتن جي اڻهوند به رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي، ٿر واسين برسات بعد خيما بستين کان پوءِ خيما مارڪيٽُون قائم ڪري ٿر جي روايتي ڀاڄيون ۽ ميون جو وڪرو شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ رستن تي ??ائم ٿيل خيما مارڪيٽون سياحن جي خريداري جا اهم مرڪز بڻيل آهن، جڏهن ته بجلي، گئس ۽ عمارتن کان سواءِ قائم ٿيل اهي مارڪيٽُون ملڪ ۾ پنهنجي ط??ز جُون منفرد مارڪيٽُون آهن، ٿر جي وڏي خيما مارڪيٽ مٺي شهر جي ويجهو نئوڪوٽ بدين بائي پاس روڊ ڦانگهاريو اسٽاپ تي ??ائم ڪئي وئي آهي، جتي 15 کان 20 دوڪان قائم ڪيا ويا آهن، جتان روزانو ٿر گهمڻ ايندڙ سوين سياح اتان پنهنجي لاءِ ٿر جُون روايتي ڀاڄيُون ۽ ميوا کُنڀي، مريئڙو، لُلِر، چڀڙ، گدريُون، ڇانهيُون، ريڀڙِيُون، ميها، پِپُون، ڪوڍير ۽ گوار واپسي تي ??نهنجي گهر لاءِ وٺي وڃن ٿا
جڏهن ته خيما مارڪيٽن کان سواءِ هڪ هڪ خيمي جا دُڪان پڻ هر هنڌ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جڏهن ته بارشن وانگر اهي خيما مارڪيٽُون به سانوڻ جي رُت ۾ قائم ٿينديُون آهن، ٿر جون ڀاڄيون سياح توڙي ٿر جا رهواسي وڏي شوق سان کائيندا آهن ۽ سن?? جي مختلف علائقن سميت پوري ملڪ ۾ رهندڙ مٽن مائٽن ۽ دوستن کي تحفي طور به موڪليندا آهن، جنهن مان مزدور طبقي کي سٺي ڪمائي ملي پوندي آهي ۽ ٿر ۾ برسات کان ٿيندڙ ڀاڄيون غريب ماڻهن جي روزگار جو وڏو ذريعو آهن، ٿر ۾ برسات تي ??يندڙ قدرتي ڀاڄيُون سڀ کان مهانگي وڪرو ٿين ٿيُون ۽ ان مان هر طبقي جو ماڻهُو لاڀ پرائي ٿو، ڌنار مال چارڻ سان گڏوگڏ کُنڀيُون، مريئڙو، لُلِر، چڀڙ، گدريُون، ڇانهيُون، ريڀڙِيُون، ميها، پِپُون، ڪوڍير ۽ گوار پڻ چونڊي اچي انهن دُڪانن تي ??ڪرو ڪن ٿا جٿي وري دڪاندار انهن کي سجائي سياحن کي وڪرو ڪن ٿا
شروع ۾ پنج سو کان ست سو روپيا ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿيندي آهي ۽ بعد ۾ ٻه سو کان ٽي سو روپين ۾ وڪرو ٿيندي آهي۔ ان کان سوا۽ ٻيون ڀاڄيون به سو کان ٻه سو روپين تائين وڪرو ٿينديون آهن، ٿر ۾ برسات تي ??يندڙ ڀاڄيون ٿرواسي پُورو سال سنڀالي رکندا آهن ۽ مشڪل وقت ۾ استعمال ڪندا آهن. خيما مارڪيٽ ۾ سهولتن جي اڻهوند باوجود روزانو تازيون ڀاڄيون وڪرو ٿين ٿيون.
اي پي پي سان ڳالهائيندي پيارو خان بجير چيو ته ٿر ۾ برسات تي ??يندڙ ڀاڄين مان سڀ کان وڌيڪ کنڀيون وڪرو ٿينديون آهن?? جيڪي س??ني ڀاڄين کان وڌيڪ مهانگيون آهن، شروع شروع ۾ پنج سو کان ست سو تائين وڪرو ٿينديون آهن?? جيڪي اسان ٻهراڙي جي ماڻهن کان اندازي تي چار سو روپيا ڪلو جي حساب سان وٺندا آهيون، پوءِ اهي کنڀيون وڌيڪ ٿيڻ جي صورت ۾ گهٽ اگهه ۾ وٺندا ۽ وڪرو ڪندا آهيون، کنڀيون هتان کان مڻن جي حساب سان گهوٽڪي?? جيڪب آباد، سکر، دادو، حيدرآباد، مورو لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ڏانهن واپاري وٺي کڻي ويندا آهن، جنهن سان اسان جو سٺو روزگار ٿيندو آهي?? جيڪڏهن برسات سراسر هوندي آهي ته ٻن مهينن تائين سٺو ڪاروبار هلندو آهي?? جيڪڏهن برسات گهٽ هوندي آهي ته پندرنهن کان ويهه ڏينهن مس هلندو آهي۔ جڏهن ته هڪ ٻئي ڀاڄيون وڪرو ڪندڙ سوائي ڀيل چيو ته ٿر ۾ برسات تي ??يندڙ ڀاڄيون کنڀي، للر، مريئڙو، پپون، گوار، چڀڙ، گدريون ۽ ميها سٺي اگهه ۾ وڪرو ٿين ٿا، جنهن مان اسان جو سٺو گذران ٿيندو آهي، هن چيو ته شروع ۾ ٿر جون ڀاڄيون کنڀي کان سوا۽ ٻيون هڪ کان ڏيڍ سو روپيا جي حساب سان وٺندا آهيون ۽ ٻه سو تائين وڪرو ڪندا آهيون، ٿر جي ماڻهن سميت ٿر گهمڻ ايندڙ تمام شوق سان وٺندا آهن، هن چيو ته جيڪي ڀاڄيون بچي پونديون آهن، اهي تقريبن سڪي وينديون آهن، اسان روزانو تازيون ڀاڄيون خريد ڪندا آهيون، صرف گوار، چڀڙ، ميها ۽ گدريون ٻن ڏينهن تائين صحيح هونديون آهن جن کي اسان پلاسٽڪ جي ڪٽن ۾ بند ڪري رکندا آهيون. ٿر گهمڻ لا۽ ايندڙ ضلعي ٺٽي جي اسلم جت ۽ رمضان جت اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هر سال ٿر گهمڻ آيا آهيون، برسات کان پو۽ ٿر جا نظارا ڏسڻ وٽان هوندا آهن، اسان کي ڏاڍو مزو ايندو آهي، هنن چيو ته هي خيما مارڪيٽون رستي تي ??جڻ جي ڪري خريداري ۾ آساني ٿي پئي آهي، اسان هتان کان ٿر جون ڀاڄيون ۽ ميوا وٺي ٺٽو ک??ي وڃي رهيا آهيُون جنهن مان اسان پاڻ به شوق سان کائيندا آهيون ۽ مٽن مائٽن سميت دوستن کي سوکڙي طور به ڏيندا آهيون.