اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيرا??ظم عمران خان اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿو، حڪومت طرفان ميڊيا تي ڪنهن ??ه قسم جو دٻاءُ يا مداخلت هرگز نه آهي، آزادي صحافت ۽ جمهوريت کي هڪٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم تصور ڪريون ٿا، ميڊيا بابت مسئلن جي حل ۾ شفافيت ۽ ميرٽ يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پي اين اي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفاقي وز??ر سان ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) شاهيره شاهد به ملاقات ۾ موجود ??يون، وفد اطلاعات واري وزير کي ميڊيا جي صنعت کي درپيش مسئلن ک??ن تفصيلي آگاهه ڪيو.