اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صاد?? سنجراڻي چيو آهي ته پارليامينٽ خاص طور تي سينيٽ طرفان ان عزم جو اظهار ڪريون ٿا ته حرمين شريفين جي حفاظت لاءِ ڪنهن قرباني کان پاسو نه ڪيو ويندو. سعودي عرب پاران هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيهڻ کي ڪڏهن وساري نٿا سگهون، پاڪستان اسرائيل کي ڪڏهن تسليم نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ سعودي سفير نواف بن ??عيد المالڪي سان ملاقات دوران ڪيو.