لاهور / اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مڪڙن جي خاتمي لاءِ پنجاب حڪومت جي ٺوس حڪمت عملي ۽ قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته مڪڙن جي چئلينج کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ته جيئن آبادگارن جي قيمتي فصلن کي ان قدرتي آفت کان تحفظ فراهم ڪري سگهجي. هن ??هڙ?? خيالن جو اظهار پنجاب ۾ مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سان قدمن تي اعليٰ سطحي بريفنگ دوران ڪيو. پي ڊي ايم اي جي ڊا??ريڪٽر جنرل مڪڙن جي حملي کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ مڪڙن جي حملي کي جديد مشينري جي استع??ال ۽ ٺوس حڪمت عملي سان وڏي حد تائين روڪيو ويو آهي.