اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ دنيا ڪورونا ج?? خلاف پاڪستان جي حڪمت عملي جو اعتراف ڪري رهي آهي، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ احساس پ??وگرام تحت گهٽ مدي ۾ ايتري وڏي رقم ورهائڻ تي پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو آهي، معيشت جو ڦيٿو هلائڻ ??رو??ي آهي، ٽائيگر فورس جا رضاڪار ايس او پيز تي عمل ڪرائين. سماجي ??اب??ن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پ??وگرام تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس جي سڄي ٽيم ش??با?? جي مستحق آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ تي الله جو ڪم رهيو آهي، هن پوري قوم ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ٽيم ۽ طبي عملي جي خدمتن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اسان جو ملڪ ان مقام تي آهي جتي اڃا به احتياطي تدبيرن تي مڪمل عملدرآمد اسان کي وڏي مصيبت کان بچائي سگهي ٿو.