اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي ڏس ۾ امدادي سرگر??ين کي ٺوس بڻائڻ جي لاءِ حليم عادل شيخ کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي پاران جاري ڪ??ل نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي نائب ص??ر کي سنڌ صوبي جي لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. هو سنڌ ۾ پارٽي جي علائقائي تنظيم سان گڏجي ڪورونا وبا جي ڏس ۾ امدادي سرگر??ين جي منصوبابندي، رابطي ۽ عملدرآمد جي ذميواري سرانجام ڏيندو.