اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪ??رو??ا وائرس جي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون دوران باجماعت نماز جي لاءِ مقرر ڪيل اصولن ت?? عملدرآمد جي حوالي سان عوام پاران ذميواري جو مظاهرو ساراهه جوڳو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ حڪومت ۽ عالم سڳورن جي وچ ۾ طئي ٿيل 20 نقاطي حڪ??ت عملي جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته اهو ڪيترو زبردست مثال ??هي جتي رياست رهنمائي فراهم ڪري ٿي ۽ ماڻهو پاڻ ئي ان ت?? عمل ڪ?? ٿا.