اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قائداعظم پاڪستان ٺهڻ کان ٽي ڏينهن اڳ ۾ ئي ان جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ پاڪستاني آهن کڻي اهي ڪهڙي ??وبي يا مذهب سان لاڳاپو رکندا هجن، پاڪستان جو اصل مطلب اهو ئي آهي، ڀارت ۾ جيڪي حالتون آهن انهن ٻه قومي نظريي کي وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو آهي، ٻار?? کي ٻڌ??ئڻ گهرجي ته پاڪستان ڪهڙي مقصد لاءِ ٺهيو هو، اسا?? کي اسڪولن ۽ تربيت ۾ اهو شامل ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ برابر آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ قائداعظم جي جنم ڏهاڙي ??ي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.