ٽوڪيو – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آزاداڻي سيڙپڪاري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ سيڙپڪاري جو سازگار ماحول ۽ بهترين موقعا فراهم ڪري ٿو?? جاپاني ڪمپنيون پاڪستان ۾ معيشت جي مختلف شعبن ۾ دستياب منافع بخش موقعن مان فائدو کڻن. هو ٽوڪيو ۾ جاپان پاڪستان بزنس ڪميونٽي طرفان ڏنل آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي پاڪستان بزنس ڪوآپريشن ڪميٽي ??ي وفد ۾ ميرو بيني ڪارپوريشن، ٽويوٽا موٽرز، سوزوڪي موٽرز، متسوبشي، سومي ٽومو، يونيورسا آئي ميٽلز ۽ مٽسوئي سميت ??شهور جاپاني بزنس ڪارپوريشنز جا ??مائندا به موجود هئا.