راولپنڊي-26 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز پاڪ- افغان سرحد تي حسن خ??ل جي علائقي ۾ خوارجين جي در اندازي کي ناڪام بڻائيند?? 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز 25 ۽ 26 نومبر جي وچ واري رات اُتر وزيرستان جي علائقي حسن خ??ل ?? پاڪ- افغان سرحد ويجهو خوارج جي هڪ گروپ جي چُرپُر محسوس ڪئي، جيڪو پاڪستان اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي ڪندي ان ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ان دوران 3 خوارجين کي مار??و ويو.