اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آزاد عدليه جي ڪري ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، قانون جي بالادستي کانسواءِ خوشحالي نه ٿي اچي سگهي، مون انصاف کي مٿانهون ڪرڻ جي لاءِ سياست ۾ قدم رکيو، قانون جي حڪمراني ڪنهن به ملڪ جي ت??قي جو بن??اد آهي، 2007ع جي وڪيل تحريڪ ۾ شموليت تي فخر هو اها قانون جي حڪمراني جي جدوجهد هئي جڏهن ته ان جا جيڪي نتيجا حاصل ٿيڻ گهرجن ها اهي نه مليا، قانون جي حڪمراني مسلسل ج??وجهد سان ممڪن آهي. هو ڊسٽرڪٽ ڪورٽس اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي ٻوٽو پڻ لڳايو. وزيراعظم عمران خان چيو ته 25 سال اڳ جڏهن سياست شروع ڪئي ته پنهنجي پارٽي جو نالو انصاف جي ت??ريڪ رکيو. سياست ۾ اچڻ جو مقصد انصاف کي مٿانهون ڪرڻ هو. 1960ع جي هاڪي ۾ پاڪ??تا?? هن خطي ۾ ترقي جي لحاظ کان چوٿين نمبر تي هو، هتي معياري يونيورسٽيون هيون. سرڪاري اسپتالن ۾ بهتر علاج جون سهولتون هيون. 1985ع کانپوءِ پاڪ??تا?? هيٺانهين جو شڪار ٿيو. سنگاپور، بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ ڀارت اسان کان اڳتي نڪري ويا. وزيراعظم چيو ته جڏهن اهي ڀارت جي خلاف ان جي سرزمين تي کيڏي واپس پاڪ??تا?? ايندا هئا ته ائين محسوس ٿيندو هو ته اسرندڙ ملڪ مان ترقي يافته ملڪ ۾ اچي ويا آهيون. اتي غربت هئي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي تنزلي جو هڪ سبب قانون جي حڪمراني نه هجڻ ۽ غريب ۽ امير جي لاءِ جدا جدا قانون هجڻ هو، ڇو ته جيڪا قوم ترقي ڪري ٿي اتي قانون جي حڪمراني هوندي آهي. جن ملڪن ۾ طاقت جي حڪمراني هوندي آهي اتي قانون ناهي هوندو. هن چيو ته اسان ڇهين کان ڏهين تائين تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي سيرت النبي ﷺ پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن انهن کي خبر پوي ته مديني جي فلاحي رياست جو بن??اد قانون جي حڪمراني هئي. اها قوم جنهن جي ڪا حيثيت نه هئي ان دنيا جي امامت ڪئي. جيڪڏهن انهن اصولن جو مطالعو ڪريون جن تي اهي عمل پيرا ٿيا ته اسان کي خبر پوندي ته دنيا ۾ جيڪا قوم به خوشحال آهي ان جو بن??ادي سبب قانون جي حڪمراني آهي. هن چيو ته اهو ئي سبب هو جو 2 خلفاءِ راشدين قاضي آڏو پيش ٿيا. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? کان متاثر ٿي جن ملڪن پنهنجو ترقياتي ماڊل آندو اهي ت??قي جي رستي تي گامزن ٿي ويا. مون جهڙا ماڻهو جن وٽ خدا جو ڏنل سڀ ڪجهه هو انهن کي سياست ۾ اچڻ جي ضرورت نه هئي پر جيڪڏهن اهي جدوجهد نه ڪندا ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ڪير به قانون کان مٿانهون نه آهي. پاڪ??تا?? جو اهو الميو آهي ته هتي غريب ۽ امير جي لاءِ جدا جدا پاڪ??تا?? ۽ قانون آهي. هن ملڪ جي ماضي جي قيادت کي ان سان ڪو غرض نه هو ته ماڻهن کي انصاف ملي. هن چيو ته آمريڪا پنهنجو پاڻ کي انصاف جي عالمي عدالت تحت نه ٿو آڻڻ چاهي اهو پنهنجو پاڻ کي ان کان مٿانهون رکڻ چاهي ٿو پر مهذب معاشرو ان کي قانون جي ماتحت بڻائي ٿو. وزيراعظم چيو ته هن وقت سڄي مافيا اسان جي حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ گڏ ٿي وئي آهي، اهي بليڪ ميل ڪري اين آر او چاهين ٿا. هن چيو ته جنرل مشرف هڪ آئين ٽوڙيو ۽ ٻيو سڀ کان وڏو ظلم اهو ڪيو ته هن اين آر او ڏنو. ان وٽ اين آر او ۽ معافي ڏيڻ جو ڪو اختيار نه هو. اهو پئسو جنرل مشرف جو نه پر پاڪ??تا?? جي عوام جو هو. هن چيو ته 2007ع جي عدليه بحالي جي ت??ريڪ ۾ شموليت تي فخر آهي، ان تحريڪ ۾ فوجي آمرن کي چيو ويو ته اهي چونڊيل چيف جسٽس کي نه ٿا هٽائي سگهن پر مون کي افسوس آهي ته ان جا اهي نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا جيڪي حاصل ٿيڻ گهرجن ها. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪ??تا??ي اسان جو اثاثو آهن، انهن جي دولت پاڪ??تا?? جي جي ڊي پي جي برابر آهي پر اهي پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري نه ٿا ڪن. ڇو ته جيڪڏهن اهي هتي ڪو پلاٽ خريد ڪن ٿا ته ان تي قبضو ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ اهي عدالتن ۾ وڃن ٿا ته اتي انصاف نه ٿو ملي. وزيراعطم عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پاران عوامي مفاد جي بهترين فيصلن تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ماحوليات جي ت??فظ سميت هن اهم فيصلا ڏنا اهن. 1960ع کان 2010ع تائين اسلام آباد ۾ جيتري ت??قي ٿي ايتري 2020ع تائين 10 سالن ۾ ٿي. اسلام آباد جي گرين ايرياز کي بچائڻ ۾ عدالتن ڪردار ادا ڪيو. اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن کي آلودگي ۽ ماحوليات آلودگي کان بچائڻو آهي. اها اسان جي قومي ذميواري آهي. هن چيو ته اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي ملڪ کي سرسبز رکون، 93 ضلعي عدالتن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ ان ڳالهه جي علامتي آهي ته انصاف اسان جي ت??جيح آهي. اهي تمام گهڻو اڳ ٺهي وڃڻ گهرجن ها. انصاف ملڻ سان معاشرو آزاد ٿي وڃي ٿو. عدالتي نظام جي ت??فظ جي ڪري سيڙپڪاري اچي ٿي. هن چيو ته هو عدليه کي مڪمل سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو. اسلام آباد مان هي ان جي شروعات آهي. اها اسان جي ت??جيح آهي. انصاف سان خوشحالي اچي ٿي. هن سي ڊي اي چيئرمين ۽ ايف ڊبليو پاران ڊسٽرڪٽ ڪورٽس ڪمپليڪس جي عمارت جي ت??ميراتي لاڳت ۾ ڏيڍ ارب جي بچت ۽ 6 مهينن ۾ ان ڪمپليڪس کي مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ساراهيو.