اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب ٽي سالا ڪارڪردگي رپورٽ جناح ڪنيويشن سينٽر ۾ ٿيندڙ تقريب دوران وزيراعظم عمران خان کي ??يش ڪئي، اها رپورٽ اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وزارت پاران جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ڪورونا جي تناظر ۾ عالمي اقتصادي ٻائڙائي باوجود حڪومت جي ڪاميابين تي ڌيان رهيو آهي، ان ڪارڪردگي رپورٽ ۾ نئين پاڪستان جي ويزن تحت عام ماڻهو کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سڀني وزارتن ۽ ڊويزنن جي ڪوششن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، 21 -2018ع جي رپورٽ 251 صحفن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 44 عوامي ادارن سميت وزارتن، ڊويزنن ۽ ڊپارٽمينٽس جي ڪاميابين جو خاڪو ??يش ڪيو ويو آهي، هر شعبي جي 20 لائينن جي وزارت کانسواءِ ان ۾ اهم مقصد، قدمن تي اپ ڊيٽس، ڊگهي مدي ??ار?? حڪمت عملي، قانونسازي، پاليسي فريم ورڪ ۽ پائيپ لائين ۾ منصوبن تي به ڌيان ڏنو ويو آهي، مواد جي وضاحت گرافڪس ۽ لاڳاپيل انگ اکرن ۽ حقيقتن جي ذريعي ڪئي وئي آهي، حڪومت ڪووڊ -19 جي صورتحال ت?? ضابطو آڻڻل لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت ع??لي اختيار ڪئي، ملڪ ۾ 30 ملين ويڪسين جون خوراڪون لڳائڻ سميت پرسنل پروٽيڪشن ايڪوئپمنٽس جي تياري حڪومت جون اهم ڪاميابيون آهن، عام ماڻهو جي ترقي لاءِ حڪومت گهٽ آمدني ??ار?? طبقن کي سستي رهائش فراهم ڪرڻ لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام، سماجي تحفظ لاءِ احساس پروگرام نوجوانن کي روزگار جي فراهمي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام شروع ڪيا، قانونسازي جي حوالي سان 54 قانون تيار ڪيا ويا، ڪوڊ آف سول پروسيجر ترميمي ايڪٽ 2020، انفورسمٽ آف وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع ۽ ليگل اينڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ايڪٽ 2020ع به شامل آهن ته جيئن معاشري ??ي غريب ۽ پوئتي پيل طبقن کي مدد فراهم ڪري سگهجي.