اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان هد??يت ڪئي آهي ته گرين لائين کي طئي ٿيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن تي پڻ ڪم ۾ تيزي آندي وڃي. ??زي??اعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي وارو وفاقي ??زي?? اسد عمر، قومي اسيمبلي ميمبر غوث بخش مهر، صوبائي اسيمبلي ميمبر علي گوهر مهر ۽ صفدر عباسي شريڪ هئا. ان موقعي تي ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي صورتحال خاص طور تي امن امان ۽ ڪوروان جي صورتحال ۽ عوام کي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ سنڌ ۾ وفاق جي جاري ترقياتي منصوبن تي سنڌ صوبي جي پهرين وڏي ٽرانسپورٽ منصوبي گرين لائين تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ??زي??اعظم گرين لائين کي مقرر ڪيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن تي پڻ تيزي سان ڪم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي.