اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت تر??ن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال خاص طور تي قبا??لي ضلعن بابت معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ آبادگارن کي درپيش مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪنهن به صورت ۾ آبادگارن جو استحصال برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، انهن جي مفادن جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هن هدايت ڪئي ته تمباڪو جي آبادگارن کان تمباڪو جي خريداري ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ڇو ته فصلن جي وقت سر خريداري نه ٿيڻ جي ??ري آبادگارن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. اسپيڪر حڪومت جي قبا??لي عوام ۽ غريبن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي قدمن کي ساراهيو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت تر??ن چيو ته اڳوڻي فاٽا جي سمورن ضلعن جي تر??ي ۽ اتان جي عوام جون محروميون ختم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قبا??لي ضلعن ۾ معاشي سرگرميون شروع ٿيڻ سان روزگار ملندو. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام سان قبا??لي نوجو??نن کي روزگار ڏينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته اڳوڻي فاٽا جو تر??ياتي پئڪيج چونڊيل قبا??لي قيادت ۽ عوام جي مشاورت سان اڳتي وڌايو ويندو، ڪامياب جوان پروگرام ذريعي قبا??لي ضلعن جي نوجو??نن کي قرض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجو روزگار شروع ڪري سگهن ۽ معاشي لحاظ کان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. اسپيڪر چيو ته نئين ضلعن ۾ صحت انصاف ڪارڊ جاري ڪرڻ قبا??لي عوام جي لاءِ حڪومت جو تمام وڏو تحفو آهي.