اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فاران السعود چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو سعودي عرب جو دورو گڏيل لاڳاپن جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکي ٿو، وزيراعظم ج?? هي دورو شاندار آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي معاملا طئي ٿيا. پاڪستان ٽيليويزن کي وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي انٽ??وي?? ۾ هن چيو ته وزيراعظم ج?? دوري دوران ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار ۾ وسيع سهولتن تي ٻڌل اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ 20 لک ک??ن وڌيڪ پاڪستاني رهن ٿا، جيڪي قومي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دوري دوران ٻنهي ملڪن مسلمان امت سان لاڳاپيل ۽ گڏيل مع??مل?? تي تعاون وڌائڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.