لاهور – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ ڏکڻ پنجاب وسيلن جي غيرمنصفاڻي ورڇ جي ڪري ترقي جي سفر ۾ پٺتي رهجي ويو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ڏکڻ پنجاب جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن اهڙ?? خيالن جو اظهار ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ قومي ?? صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.