فيصل آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان ??رخ حبيب چيو آهي ت?? ڪورونا وبا جي ٽئين لهر پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي جڏهن ته حڪومت ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ فيصل آباد ۾ اڳ کان ??ائم 6 ڪورونا ويڪسي نيشن سينٽرز جي ا??گ کي وڌائي 11 ڪيو پيو وڃي ت?? جيئن گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ وڌ کان ??ڌ ماڻهو انهن مان ??ائدو کڻي سگهن. ٻنپهرن جو ڪورونا ويڪسي نيشن سينٽر اسپورٽس ڪمپليڪس سمن آباد فيصل آباد جي دوري جي موقعي ت?? صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته نئين ويڪسينيشن سينٽرز تي ڏهاڙي 20 هزار ماڻهن جي اضافي ويڪسي نيشن ڪري سگهبي جڏهن ته پنجاب حڪومت جي ويڪسي نيشن مهم بهترين هلي رهي آهي ۽ حڪومت جا ڪورونا قدم هر سطح تي ساراهيا ويا آهن. هن چيو ته ڪورونا جي وبا اچڻ تي اسان ??ٽ رڳو 400 ڏهاڙي ٽيسٽ ڪرڻ جي صلاحيت هئي پر هاڻي ڏهاڙي هزارين ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن.