لاهور – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ مديني جي رياست وانگر قانو?? جي بالادستي، ميرٽ ۽ انسانيت جي ڀلائي تي ??ڌل رياست جو تصور کڻي اچي رهيا آهيون، خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبقن کي سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان آهي، ملڪ ۾ تعميرات جي شعبي جي ترقي سان روزگار جا موقعا، غربت جو خاتمو ۽ ملڪي دولت ۾ اضافو ٿيندو، بئنڪن پاران گهر?? جي لاءِ مورگيج جي سهولت جي فراهمي جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ عدليه سميت سمورن ادار?? جي تعاون جو ٿورائتو آهيان، ايڪهين صدي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نظام ۾ موجود خرابين کي ختم ڪرڻو پوندو. هو نئون پاڪستان اپارٽمنٽس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي حڪومت پنجاب، وڏي وزير، وزيرن ۽ مختلف ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته توهان سڀني جي سامهون آئون پنهنجي خوشي جوا ظهار ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان اڄ جنهن مقام تي پهتا آهيون ان لاءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي، ”فور ڪلوزر“ قانون من??وري ۾ ٻه سال لڳا، ان جي لاءِ عدليه جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، جيڪڏهن هو مدد نه ڪري ها ته قانون من??ور نه ٿئي ها، ڪيترن ئي سالن کان اهو قانون التوا ۾ هو، ان قانو?? جي من??وري ک??نپوءِ بئنڪ هاڻي مورگيج جي سهولت ڏئي رهيو آهيون، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪل آبادي جي 0.2 سيڪڙو جي شرح سان مورگيج جي سهولت ڏني پئي وئي جڏهن ته اولهه، آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ اها شرح 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ روڪ رقم نه آهي ته هو نه پنهنجو گهر خريد ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي گهر ٺاهي سگهي ٿو، دنيا ۾ ان جي لاءِ بئنڪون قرض فراهم ڪنديون آه?? جيڪو پئسو مسواڙ جي مد ۾ ويندو آهي اهو گهر جي قسطن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اهو گهر ان ماڻهو جي ملڪيت بڻجي ويندو آهي، وزيراعظم چيو ته ان سان هر ماڻهو وٽ هڪ موقعو ميسر آيو آهي ته هو قسطون ڏئي پنهنجو گهر حاصل ڪري سگهي، ان منصوبي کي عملي جامو پارائڻ جي لاءِ ايل ڊي اي، بئنڪن سيڪٽر، عدليه سميت سمورن ادارن ڀرپور تعاون ڪيو.