اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي ملڪي خوشحالي جي لاءِ ننڍي ڪاروباري طبقي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي واپاري برادري ۽ صنعتي شعبي جي سهولت لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي. هو پشاور چيمبر آف سمال ٽريڊرز ۽ سمال انڊسٽ??ي جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ محمد عدنان جليل جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.