اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي ??ڀري آهي، حڪومت چونڊ، معاشي ۽ عدليه سڌارن، عوام جي ڀلائي جي ??يجنڊا کي اڳتي وڌائيندي، مخالف ڌر جيڪڏهن ان ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ چاهي ته ان جي ??جيان ڪنداسين، سينيٽ چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي جي يو آءِ (ف) جي پـٺيءَ ۾ ڇرو گهونپيو آهي، ڪنهن به شارٽ يا لانگ مارچ جي ڪا پرواهه نه آهي، مخالف ڌر کي اسلام آباد ۾ هڪ گلدان به ٽوڙڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم پراڻو قصو بڻجي چڪي آهي، ان ۾ شامل سموريون پارٽيون عوام جو رت چوسڻ ۽ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦرڻ تي قوم کان معافي وٺي ڪفارو ادا ڪن، وزيراعظم اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ سدائين اوپن ووٽنگ تي زور ڏنو ۽ مخالف ڌر ووٽن جي ??ريد ۽ وڪرو ڪري سيڪريٽ بيلٽنگ چاهيندي هئي، سينيٽ جي چونڊ عام چونڊن کان مختلف آهي، هتي هائوس چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ رولز تحت ڪري ٿو، جيڪڏهن مخالف ڌر ان معاملي تي عدالت يا ڪنهن به فورم تي وڃڻ چاهي ته اها انهن جي پنهنجي مرضي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جمهوري عمل جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. نئين چونڊيل سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي ۽ پاڪستاني عوام کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته صادق سنجراڻي بلوچستان سان تعلق رکي ٿو ۽ وزيراعظم عمران خان جي پراڻي خواهش هئي ته اهي علائقا جيڪي ماضي ۾ نظرانداز ڪيا ويا انهن جي لاءِ عملي طور تي ڪجهه ڪيو وڃي. هن چيو ته اڳوڻو فاٽا به تمام گهڻو پٺتي رهجي ??يو هو، ان جي ??رقي لاءِ ??زيراعظم فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام ڪيو، اهو هڪ مشڪل ڪم هو، صدين کان هلندڙ نظام کي بهتر طريقي سان خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو ??يو ۽ ان علائقي جي ??رقي جي لاءِ 100 ارب جو فنڊ ڏنو ويو. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان ۽ فاٽا کي بطور سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين نمائندگي ڏني وئي آهي. هن چيو ته اسان جي ??ڪومت سمجهي ٿي ته ادارا پنهنجو پنهنجو ڪم ڪندي عوام جي ??دمت ڪن ۽ ترقي جي لاءِ ??نهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پارليامينٽ جو ڪم قانونسازي ڪرڻ آهي جيڪا سڌوسنئون عوام جي لاءِ ??يندي آهي پر گذريل اڍائي سالن ۾ بدقسمتي سان پنجاب مان مسلم ليگ (ن) ۽ ڳوٺاڻي سنڌ جي ??لائقائي پارٽي پيپلزپارٽي قانونن ۽ سڌارن کي منظور ٿيڻ نه ڏنو. مخالف ڌر جي ??ياست جو مقصد ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ آهي، هي اهڙن ماڻهن کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ پسند ڪن ٿا جيڪي خاص گروهه جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهن، انهي بنياد تي گذريل 30 کان 35 سالن جي ??ياست ادارن کي مفلوج ۽ عوام کي انصاف ۽ خوشحالي کان محروم رکيو. ان دوران عوام جي لاءِ ڪجهه نه ٿيو پر نواز شريف ۽ آصف علي زرداري ۽ ان جي ??اندانن لنڊن، آمريڪا ۽ ٻاهرئين ملڪن ۾ پنهنجون ملڪيتون ۽ فيڪٽريون ٺاهيون، جڏهن اهي ماڻهو سياست ۾ آيا ته هڪ فيڪٽري هئي ۽ هاڻي 29 فيڪٽريون آهن. هن چيو ته عوام عمران خان جي ??زم ۽ بي داغ قيادت تي اعتماد ڪندي 2018ع جي چونڊن ۾ وڏي مينڊيٽ سان ڪامياب ڪرايو. عمران خان چاهي ٿو ته پارليامينٽ ۾ ايندڙ ماڻهن جي لاءِ ??ڪ معيار ۽ اهرو طريقيڪار هجي ??نهن ۾ پئسي جي ??ياست نه هجي، قابليت ۽ اهليت جي ??نياد تي ماڻهو پارليامينٽ ۾ اچن ۽ علائقي جي ??وام جو آواز اٿارين. انهي اڻٿڪ محنت کانپوءِ اڄ پي ٽي آءِ ??ومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي ??ڀري آهي. هن چيو ته گذريل 40 سال سياست ڪندڙ پارٽيون اڄ علائقائي پارٽيون بڻجي چڪيون آهن. مخالف ڌر ڪڏهن به قانون جي ??الادستي نه چاهي ڇو ته اها انهن جي مفادن جي ??ستي ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت جي محنت جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. اڄ ملڪ ۾ رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آهي. هن چيو ته مهانگائي چئلينج آهي. وزيراعظم پنهنجو پورو ڌيان انهي تي ڏنو آهي، روزاني جي ??نياد تي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي قدمن جي نگراني ڪري رهيو آهي.