اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) حڪومت جي اتحادي پارٽين ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظم ??مران خان جي ويزن جي مڪمل حمايت جو عزم ظاهر ڪندي سي??يٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم ??ي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??مران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??فا??ي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، هائوسنگ وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، ??فا?? وارو وزير پرويز خٽڪ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فر??ز ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ اتحادي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حڪومتي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن وزيراعظم ??مران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سي??يٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم ??ي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجائيندي ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظم ??مران خان جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ مڪمل حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.