اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان قطر ايئر فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل (پائلٽ) سالم حمد النابت ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مو??ب ملاقات ۾ چيف آف دي ايئر اسٽاف، ايئر مارشل مجاهد انور خان ۽ پاڪستان ۾ قطر جو سفير ??عود عبدالرحمان الثاني به مو??ود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان قطر سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ استحڪام ۽ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دفاعي ۽ فوجي تربيت جي شعبن ۾ تعاون جي ڪافي صلاحيت آهي، قطر کي پاڪستان جي دفاعي مهارت ۽ تربيتي سهولتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.