اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او سي) جو اجلاس منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر جي ص??ارت ۾ منعقد ٿيو، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي اتر ڏکڻ گئس پائپ لا??ن پراجيڪٽ تي عملدرآمد جي صورتحال ۽ پاور پلانٽس جي لا??ِ هائي سلفر فرنس آئل (ايڇ ايس ايف او) ۽ لا??ٽ سلفر فرنس آئل (ايل ايس ايف او) جي گهرج جو جائزو ورتو، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي سردي جي موسم جي مه??نن لا??ِ توانائي واري وزارت پاران پيش ڪيل فرنس آئل جي ضرورتن جو جائزو ورتو، ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته سردي جي موسم دوران لوڊ ۾ گهٽتائي کانسواءِ صنعتي ۽ رهائشي گهرج کي پورو ڪرڻ لا??ِ منصوبابندي ڪئي وڃي، ڪابينا ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته فرنس آئل جي ضرورت جي جائزي کان اڳ قابل تجديد توانائي ۽ ڪوئلي سميت ٻارڻ جي ٻين وسيلن جي وڌ کان وڌ استعمال کي يقيني بڻائي.