ڪراچي – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته مختلف صحافتي ادارن سان واڳيل صحافين ۽ ٻين ملازمن جي رهتن ۽ پگهارن جي ادائيگي جي لاءِ حڪومت هڪ اه??و مڪينزم ٺاهي رهي آهي جنهن جو تعلق اشتهارن جي بلن جي ادائگي سان هوندو، حڪومت ميڊيا هائوسز کي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي ادائيگي ڪئي آهي ۽ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته ان رقم سان صحافتي ادارن سان واڳيل صحافين ۽ ٻين ملازمن جي پگهارن جي ادائگي ڪئي وڃي. اه??ن خيالن جو اظهار هن ڪر??چي پريس ڪل?? جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.