اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان فورٽسڪيو گروپ جي چيئرمين اينڊريو فورسٽ جي سربراهي ۾ آسٽريلين وفد ملاقات ڪئي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بي??ن موجب ??ن موقعي تي صدر چيو ته پ??ڪستان هڪ لبرل ۽ سيڙپڪار دوست پاليسي اختيار ڪئي آهي تنهن ڪري غير ملڪي سيڙپڪارن کي لبرل سيڙپڪاري جي ماحول مان فائدو کڻڻ جي ضرور?? آهي. پاڪستان جي سيڙپڪاري پاليسي غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪندي آهي.