ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ ڪاروباري طب??ي جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي ۽ ان کي سمورين سهولتن جي فراهمي حڪومت جو فرض آهي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان ??ي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم اها ڳالهه ڪراچي ۾ واپاري ?? ڪاروباري طب??ي جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ميري ٽائيم افيئر وارو وفاقي وزي?? علي زيدي، وفاقي وزير فيصل واوڊا، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر به م??جو?? هئا. وفد ۾ آصف اڪرام، نجيب بلگموالا، اعظم فاروق، بشي?? علي محمد ، فيصل مقبول شيخ، طارق شفيع ۽ محمد علي تابا شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ڪووڊ – 19 جي وبا ??ي حوالي سان ڪامياب حڪمت عملي تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪاروباري طب??ي کي مراعتون فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪاروباري طب??و ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ حڪومت جو فرض آهي ته انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪري، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان ??ي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.