اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سن??راڻي يوم عاشور جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو آه?? ته يوم عاشوره جو ڏينهن ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا نواسه رسول حضرت امام حسين رضه ۽ سن???? ساٿين دين جي حفاظت ۽ حرم?? جي لاءِ پيش ڪئي، حضرت امام حسين رضه جي عظيم قربانين مان اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي ملي ٿي ۽ جيڪڏهن رسول صه جي ڏوهٽي جي جدوجهد جي انهن رخن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي رستي جو تعين ڪيو وڃ?? ته معاشري کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي اهم ترين سبق ڏي ٿو ۽ معاشري ۽ رياست جا معاملا ڪجهه ماڻهن يا ڪنهن گروهه جي خواهشن جي تابع نٿا ڪري سگهجن ڇو ته انهن معاملن جو سڌو سن??ون تعلق شرفِ انساني، آزادي ۽ انساني?? جي ڀلائي جي عظيم مقصدن ۾ آهي جنهن کي مذهب اسلام جي رهنما اصولن تحت مشاورت ۽ اجتماعي?? جي ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو.