اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪري ڪورونا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي، پاڪستاني عوام ڪوورنا کان بچاءُ جي ??اءِ ضابطن تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪيو، پاڪستان چا??ور برآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آهي، مصنوعات جي ??يليو ايڊيشن ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ??و. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل راول ايڪسپو جي ??رچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪوورنا وبا جي ڏس ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن تي ڀرپور ڌيان ڏنو، مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جي احساس پروگرام ذريعي امداد ڪئي وئي، پاڪستان ٻين ملڪن جي ??قابلي ۾ ڪورونا وبا کان گهٽ متاثر ??يو آهي. هن چيو ته ڪورونا وبا ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته واپاري پنهنجي ??صنوعات جي ذريعي دنيا کي اهو ٻڌائي سگهن ٿا ته اهي ڇا ٺاهي رهيا آهن، هي نمائش واپارين کي پنهنجي ??صنوعات وڪرو ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي، راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري اها نمائش منعقد ڪري شاندار ڪم ڪيو آهي. صدر چيو ته واپارين جي ??اهرئين ملڪ سفارتخانن ۾ مقرر ڪمرشل قونصلرز سان رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت ڪمرشل قونصلرز کي مناسب انداز ۾ آگاهي فراهم ڪري ٿي جڏهن ته واپاري برادري به انهن کي پنهنجي تجويزن کان آ??اهه ڪري سگهي ٿي ته جيئن مختلف ملڪ ۾ پاڪستاني واپارين جي ??صنوعات جي کپت ۾ اضافو ڪري سگهجي ۽ ڪمرشل قونصلر مختلف ملڪن جي ??نڊين ۾ موجود موقعن بابت واپارين کي آگاهه ڪري سگهن. هن چيو ته اسان کي روايتي روانگي واپار سان گڏوگڏ پنهنجي ??صنوعات جي ??يليو ايڊيڊ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي جي ڊي پي ۾ 36 ارب ڊالر اضافي جي صلاحيت رکي ٿو، چيمبر آف ڪامرس پاڪستان جي اندر مصنوعات جي ??روڊڪشن، مارڪيٽنگ سميت ٻيا معاملا ڏسي ٿو، اسان زرعي ملڪ هجڻ جي حيثيت سان روايتي پيداوار تي ڌيان ڏيون ٿا، پاڪستان چا??ور برآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آهي.