اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته هي مائنس ون جي ڳالهه ان لاءِ ڪن ٿا ته هي چاهين ٿا ته عمران خان کي ڪڍي انهن ??ي ڪرپشن بچي ويندي، آئون مائنس ٿي به ويس ته هي نه بچندا، ڪرسيءَ اچڻ وڃڻ واري شيءَ آه??، ڪڏهن ناهي چيو ته لازمي آه??ان پ?? جيستائين پنهنجي نظريي ۽ اصولن تي اسان بيٺل رهنداسين ڪير اسان جو ڪجهه نه ٿو بگاڙي سگهي، ملڪ جي تشخص کي جيترو نقصان پ??ڪستان جي ليڊرشپ پهچايو آه??، دشمن به نه ٿو پهچائي سگهي، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج حملي بابت اسان کي ڪو شڪ نه آه?? ته اهو ڀارت ڪيو آه??، اسان جون ايجنسيون هائي الرٽ آه??، انهي ??ي ڪري چئن وڏن واقعن کي ناڪام بڻايو ويو آه??. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ مڪمل ٿيڻ تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان پ??رٽي جي اسيمبلي ميمبرن ۽ اتحادين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سڀني هڪ جذبي سان بجيٽ جي منظوري ۾ حصو ورتو آه??. بجيٽ کان هڪ رات اڳ نجي ٽي وي شوز ۾ ائين پيش ڪيو پئي ويو ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ هي حڪومت جو آخري ڏينهن آه??. وزيراعظم چيو ته هو عورت ميمبرن جو به ٿورائتو آه?? جيڪي ايوان ??ي ڪارروائي ۾ ڀرپور ??صو وٺي رهيون آه??. مون کي پارٽي جي چيف وهپ عامر ڊوگر عورت ميمبرن ??ي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو آه??، آئون اقليتي ميمبرن جو به ٿورائتو آه??ان. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي خطاب جي شروع ۾ پاڪستان جي انهن هيروز جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ چاهي ٿو جن ڪالهه ڪراچي ۾ پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ وارن جي منصوبي کي ناڪام بڻايو، سب انسپيڪٽر شاهد شهيد، اسٽاڪ ايڪسچينج جي محافظن افتخار، خدا يار حسن علي تمام وڏي قرباني ڏني آه??، اسان کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته حسن علي جي ڀيڻ ڀاءُ جي شهادت جي خبر ٻڌي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.