اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ به م??ڪ ۾ آئيني ترميمون ڪيون ويون، ڪنهن جي خواهش تي احتساب ??و عمل بند نه ٿو ٿي سگهي جڏهن ته ان حوالي سان جائز قانونسازي جي لاءِ حڪومت جا دروازا سدائين کليل رهندا، جڏهن به ڪورونا وائ??س جي وبا جي حوالي سان صورتحال بهتر ٿي ۽ ماڻهن جي صحت ۽ سلامتي کي خطرو نه رهيو ته سموري التوا ۾ پيل قانونسازي غور هيـٺ آندي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته م??هنجي چيمبر ۾ سرڪاري عملو تجويز??ن نوٽ ڪري رهيو آهي. اسد عمر انهن سمورين تجويزن جو جائزو وٺ?? حتمي شڪل ڏيندو.