اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهار چيو آهي ته تعميرا??ي صنعت بابت مي??وفيڪچرنگ يونٽس ۽ دڪانن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صورتحال جي مسلسل نگراني کي يقيني بڻايو پيو وڃي، هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند ره??دو جڏهن ته انهن ٻن ڏينهن ۾ به دوائن ۽ ضرورتن جي شين جي دڪانن کي کولڻ جي اجازت ??ون??ي. قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا جي وبا ??ي ڏس ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ 14 اپريل کان تعميرا??ي صنعت کي جزوي طور تي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته ايندڙ هفتي کان پي وي سي پائيپس، انهن جي مي??وفيڪچرنگ يونٽس، سيرامڪس اينڊ سينيٽري ويئرز، ڪيبلز، اسٽيل ۽ ايلومينيم يونٽس ۽ انهن جا دڪان ۽ هارڊ ويئرز جي دڪانن سميت تعميرا??ي صنعت سان لاڳاپيل ٻين شعبن جي دڪانن ۽ مي??وفيڪچرنگ يونٽس کي کوليو ويندو.