اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان مصر سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائينداسين. هو مصر جي ڪمانڊر انچيف ۽ دفاعي پيداوار ??اري وزير جنرل محمد احمد زڪي سان ڳالهائي رهيو هو جنهن وزيراعظم آفيس ?? ساڻس ملاقات ڪئي.