ڊيووس – 22 جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ف??ري طور تي جنگ جو خطرو نه آهي، خدشو آهي ته ڀارت پلواما طرز جو حملو ڪري پاڪستان کي ذميوار بڻائي سگهي ٿو، ڀارت سان سمورا تڪرار پرامن طريقي سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪشمير تسليم ٿيل عالمي تڪرار آهي، ان تي گڏيل قو??ن جون 11 قراردادون موجود آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپا فروغ ??ٺي رهيا آهن، پاڪستان افغانستان جي صورتحال کان متاثر ٿيندو آهي، افغانستان ۾ امن ٿيندو ته وچ ايشيا تائين واپار ممڪن ٿيندو، آمريڪا سمجهي ٿو ته افغانستان جي مسئلي جو حل طاقت جي استعمال سان ممڪن آهي پر آخرڪار ان کي ڳالهيون ڪرڻيون پيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ميڊيا ڪائونسل کي خطاب ڪندي ڪيو