اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم پيپلزپارٽي جي نه پر سنڌ جي وڏي وزير سان مليو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ وقت ان کي ڏنو، وزيراعظم ڪنهن به صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نٿو ڪرڻ چاهي، ??يرت آهي جو پرچي تي چيئرمين ٿيندڙ بلاول وري وزيراعظم کي چونڊيل وزيراعظم تسليم نٿو ڪري، ??حسن اقبال جي گرفتاري ۾ حڪومت جو ڪو به هٿ نه آهي جنهن گجرون کاڌيون آهن انهن کي ته پيٽ ۾ سور ته پوندو، وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ??يندي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم وڏي وڏي تحمل سان سڀني صوبن جو موقف ٻڌو عوام جي بهتر انداز ۾ خدمت وزيراعظم جي ترجيح آهي.