اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) علائقي ۾ معاش??تي محرومي کان ڇوٽڪارو ۽ امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات س??ن نه رڳو پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو پر ان سان پوري خ??ي جي تقدير بدلجي ويندي. هن اها ڳالهه ٻن ڏينهن واري پاڪ چين اقتصادي لنگهه ڪانفرنس ۽ ايڪسپو جي افتتاحي ويهڪ کي خ??اب ڪندي چئي جنهن جو اهتمام منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وزارت سي پيڪ منصوبي بابت گڏيل رابطا ڪميٽي جي ٽئين سالگر??ه جي حوالي سان پاڪ چين فرينڊشپ سينٽر ۾ ڪيو آهي.