جده – 16 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي سياحت واري وزارت چيو آهي ته گذريل سال دوران پرڏيهه مان سعودي عرب ??يل سياحن مجموعي طور تي 141 ارب ريال خرچ ڪيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي سياحت واري وزارت طرفان جاري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال دوران خريداري لاءِ ??يل سياحن جو خرچ 25.5 ارب ريال کان وڌي ويو جڏهن ته ٽرانسپورٽيشن تي خرچ اٽڪل 21.5 ارب ريال هو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته خوراڪ ۽ شربتن تي 19.4 ارب ريال خرچ ڪيا ويا جڏهن ته ٻين مقصدن تي خرچ 25.5 ارب ريال کان وڌيڪ ر??يو. سياحن طرفان ت??ري?? تي خرچ 4 ارب ريال کان وڌيڪ هو. گذريل سال دوران ملڪي ۽ پرڏيهي سياحن جو ڪل انگ 109 ملين کان وڌيڪ ر??يو. انهن مان 27 ملين کان وڌيڪ پرڏيهي سياح شامل آهن.