اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان جي علائقن پنجگور ۽ نوشڪي ۾ فوجي ڪيمپن تي دهشتگردن جي حملي ??ي مذمت ڪئي ??هي، مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر جواب ۾ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ويو، دهشتگردن جون ب??دلاڻيون ڪارروايون ايئن ئي ناڪام بڻائيندا رهنداسين، فرخ حبيب چيو ته هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل طور تي الر?? آهن، سڄي قوم ملڪ جي حفاظت دوران جانين جو نذرانو ??يش ڪندڙن کي سلام ??يش ڪري رهي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته دهشتگردي جي هڪ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيان