اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪله – ڊيره اسماعيل خان موٽر وي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اهو منصوبو چين – پاڪستا?? اقتصادي راهداري ( سي پي??) جي اولهندي رستي ??و اهم جز آهي. 293 ڪلوميٽر ڊگهي ان موٽر وي تي 11 انٽر چينجز، 36 پل، 33 فلائي اوورز ۽ 119 انڊرپاسز تعمير ڪيا ويا آهن، ان موٽر وي جي تڪميل سان ڊيره اسماعيل خان، اتر پنجاب، ڏکڻ خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ڪاروباري مرڪز جي طور تي ??ڀرندا ۽ انهن علائقن جي زرعي جنسن جي وڏين منڊين تائي?? پهچ اسان ٿي ويندي.