اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ف??خ حبيب پي ٽي آءِ جي نئين تنظيمي عهديدار?? کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته جنرل سيڪريٽري اسد عمر، سنڌ جي علي حيدي زيدي، خيبرپختونخواهه جي پرويز خٽڪ، بلوچست??ن جي قاسم خان سوري، پنجاب جي شفقت محمود ۽ ڏکڻ پنجاب جي صدر خسرو بختيار تنظيمي معامل?? کي بهترين انداز سان هلائيندا، وزيراعظم عمران خان پارٽي معامل?? کي منظم ۽ فعال بڻائڻ جي لاءِ اهو قدم کنيو. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جنهن جي سمورين اڪائين ۾ نمائندگي آهي. سڄي ملڪ ۾ پارٽي ڪارڪن نئين قيادت کي مضبوط بڻائيندا. هن چيو ته انشاءَ الله خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪنداسين.