اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بدعنواني جي روڪٿام لاءِ اجتماعي ڪوشش?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سخت قانون، انهن تي عملدرآمد، فوري انصاف، معاشري جي بدعنواني جي خلاف عدم برداشت، خدا خوفي ۽ ميڊيا جي ذريعي آگاهي سان بدعنواني تي ضابطو آڻي سگ??جي ٿو، ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ”ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان قوم جو فخر“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بدعنواني جي خلاف نيب آفيسر?? جي ڪارڪردگي ۽ ڪوششن کي ساراهيون ٿا. نيب آفيسر ڪردار جي پختگي سان بدعنواني جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪندا رهن. هن چيو ته 6 عملن سان بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻي سگ??جي ٿي. بدعنواني جي روڪٿام لاءِ قانونسازي سان گڏ قانونن تي عملدرآمد جي ضرورت آهي. صدر چيو ته انصاف جي نظام ۾ بهتري ۽ عدالتن ۾ تيزي سان انصاف جي فراهمي سان به بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻي سگ??جي ٿي. هن چيو ته انسان ۾ خدا جو خوف ڏوهه ۽ بي ايماني کان روڪيندو آهي، اسلامي تاريخ ۾ به امانتداري جي تلقين ڪئي وئي آهي ۽ اهو اسلام جو بنيادي پيغام به آهي. اهڙي طرح معاشري کي به بدعنواني کان روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. معاشري جي تنقيد ۽ دٻاءُ سان به بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻي سگ??جي ٿي. معاشري کي بدعنواني خلاف عدم برداشت جو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي.
صدر چيو ته وائيٽ ڪالر ڪرائيمز جي جاچ ڪرڻ وڏو چ??لي??ج آهي، بدعنواني جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوشش?? جي ضرورت آهي، اسلام ۾ رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ وارا ٻنهي کي جهنمي قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته بدعنواني کي روڪڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا عوام کي آگاهي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته نيب بدعنوان عنصرن کان 821 ارب روپيا وصول ڪيا آه?? جيڪا نمايان ڪارڪردگي آهي تنهن هوندي به بدعنواني روڪڻ لاءِ وڌيڪ ڪوشش?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماضي ۾ بدعنواني ۾ مسلسل اضافو ٿيو، مختلف طريقن سان مني لانڊرنگ ڪئي وئي، ڪجهه ملڪن چوري ۽ مني لانڊرنگ جي پئسي مان ڪاروبار ڪرڻ جي سهولت ڏني، پاڪستان سميت ٻين اسرندڙ ملڪن مان لُٽيل دولت ڪجهه ترقي يافته ملڪ?? جي بئنڪن ۾ جمع ڪرائي وئي.