اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي مختلف ميمبرن ملاقات ڪئي ۽ قانونسازي، سياسي صورتحال ۽ پنهنجي تڪن ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪالهه اربع ڏينه?? وزيراعظم ميديا آفيس پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن فهيم خان، ڪيپٽن جميل احمد خان (ر)، سيف ال??حمان، محمد عالمگي?? خان، عطاءُ الله، آفتاب جهانگير ۽ محمد اسلم خان شامل هئا. وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هئا.