اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ٽن بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي بل 2021ع جي منظوري ڏني آهي. اهڙي طرح صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي پي اي ايف وار ڪ??ليج انسٽيٽيوٽ بل 2021ع جي به منظوري ڏني. ان کانسواءِ صدر ليگل پريڪٽيشنرز ۽ بار ڪ??ئونسل (ترميمي) بل 2021ع پڻ منظور ڪ??ي ورتو. صدر جي منظوري کانپوءِ ٽئي بل ??يڪٽ بڻجي ويا آهن.