اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فن لينڊ جي پنهنجي هم منصب پيڪاهاويسٽو سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي ??ي??سي مشاورت جو اڳيون اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي ات??اق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي ??اڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان فن لينڊ سان پنهنجي ٻطرفي ??اڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ سفارتي رابطن جا 7 ڏهاڪا مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير هاويسٽو کي مبارڪباد ڏني ۽ فن لينڊ سان سي??سي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ معاشي لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ ۽ تعليمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي ??ي??سي مشاورت جو اڳيون اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي ات??اق ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسلام آباد ۾ فن لينڊ جو سفارتخانو ٻيهر کولڻ سان اسان جا واپاري لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو فروغ ٻطرفي ??اڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پرڏيهي وزير فن لينڊ جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ ان کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.