اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم نواز پنهنجي ڪيسن ۾ دير جا حربا استعمال ڪري رهي آهي، ثبوت آهن ته ????زا??ي جي بنياد تي ٻڌڻي لاءِ درخواست ڏي، جائيدادون نيلام ڪيون پيون وڃن جنهن جو روئڻو پٽڻو آهي، ليگي اڳواڻن کي سزائون ميرٽ تي ٿيون، مريم نواز کان حساب گهرو ته نيب تي حملا آور ٿيندي آهي، نواز شريف اثاثن جو حساب ڏيڻ بدران ملڪ مان فرار ٿي ويو. هو ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي ٿيندڙ سزائن جي خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ٿي، اڄ وري هن وڪيل کي تبديل ڪيو، جولاءِ 2018ع کان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، هتي انهن جو چوڻ گهرجي ته ??پيلن جي ٻڌڻي ر??زا??ي جي بنياد تي ٿئ??، هڪ درجن کان وڌيڪ التوا وٺي چڪا آهن، پنهنجي پٽيشن تي دليل ڏيڻ بدران وڪيل بيمار يا ڪڏهن ڪورونا ٿي ويندو آهي، عدالت به چئي ڇڏيو ته ??ير جا حربا استعمال ٿي رهيا آهن، هن چيو ته ??نهن جي خلاف في??لو اچي ته ??پيل ۾ وڃي چوندو آهي ته فوري في??لو ڪرايو وڃ??، هتي ڪم مختلف آهي، کين خبر آهي ته کين سزائون چوري، ڪرپشن تي ٿيون آهن، عدالت کي مطئمن ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه آه??، هن چيو ته نواز شريف تي پهرين ڀڳوڙو بڻجي ٻاهر وڃي چڪو آهي، نواز شريف کان ڪرپشن تي رڪوري ٿيڻ وڃي رهي آهي، سندس جائيدادون نيلام ٿيڻ وڃي رهيون آهن، ان تي انهن جي پيٽ ۾سور آهي، اهي ماڻهو پاڪستان جي تشخص ۽ سالميت جو به خيال ناهن ڪندا، پنهنجي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيندا آهن، هن چيو ته ڀارت کي بي نقاب ڪرڻ تي مريم صفدر جي ٽوئيٽر تان ڪو ٽوئيٽ نه آيو. هن چيو ته ??ڄ کيس اليڪشن ڪميشن جي ياد اچي رهي آهي، 6 مهينا پهرين مريم صفدر اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران بيهي ڌمڪيون ڏنيون، سپريم ڪورٽ تي حملا، فون تي ججن کي فيصلا لکرائڻ وارا اهي ماڻهو آهن، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي اقتدار هجي ته پاڪستان جي اندر ۽ اقتدار نه هجي ته ٻاهر هوندا آهن. مريم جو نالو اي سي ايل ۾ نه هجي ها ته هو اڄ پاڪستان ۾ نه هجي ها، هن چيو ته ??دارن کي توهين انهن جي عادت آهي، توهان جيڪو ادارن جو احترام ڪريو ٿا اهو به اسان جي سامهون آه??، هن چيو ته ??تي جمهوريت هوندي آهي اتي احتساب ۽ اختيار تي ڪڙو احتساب به ٿيندو آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪٿي اقتدار ۾ اچو، لُٽ مار ڪريو، مال ٺاهي??، ڪير پڇي ته ??نتقامي ڪارروائي جو چئو.